SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Saddle Point

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • sædlpɔint

From the Dictionary of International Relations:

Saddle Point

سيڊل پوانٽ

ڊُهي هڻڻ واري صورتحال

گيم ٿيوري“ واري تصور مطابق هن اصطلاح کي ڪن به ٻن تڪراري ڌرين طرفان هڪٻئي خلاف رد عمل نه ڪرڻ يا اڳڀرائي نه ڪرڻ واري صورتحال کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن صورتحال دوران هر ڪم معمول مطابق هلندو رهندو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪير به مداخلت نه ڪندو آهي. رياضي يا حسابن جي علم تحت ”سيڊل پوائنٽ“ کي گيم ٿيوريءَ ۾ بي لاڀ صورتحال (Zero-Sum) واري تصور سان ڀيٽ ڏني وڃي ٿي . يعني هن طرح جي صورتحال ۾ ڪنهن به بُحران ۾ ملوث هر ڌُر جنهن جڳهه تي موجود هوندي آهي، اُها ان جڳهه تي ئي رهندي ۽ ڪنهن به رُخ ۾ اڳ ڀرائي يا تبديلي نه ڪري سگهندي . پر جهيڙي يا جنگ جي دوران ”سيڊل پوائنٽ“ واري صورتحال تمام گهڻي خراب آهي. ڇاڪاڻ ته جهيڙي ۾ ملوث ٻه يا وڌيڪ ڌريون نه مثبت قدم کڻي سگهنديون آهن ۽ نه منفي، پر جهيڙي جي فضا جيئن جو تيئن برقرار رهندي آهي. غيرجانبدار ملڪ يا ادارا جيڪڏهن جهيڙي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا به آهن ته اهي ڪوششون ناڪام ٿي وينديون آهن، ڇو ته لاڳاپيل ڌُريون اڳتي قدم وڌائڻ لاءِ تيار نه هونديون آهن. اُهي ڌريون ”قومي توهين“ يا اهڙي قسم جا ٻيا عُذر ڳڻائي ، معاملي کي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏينديون آهن. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ايران ۽ عراق جي وچ ۾ گڏيل ڊگهي جنگ اهڙي صورتحال جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي. انهيءَ جنگ ۾ ٻنهي ڌُرين جنگبندي کانپوءِ هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه يا ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي کان انڪار ڪري ڇڏيو


Remember Me Also:

ڪنڌ ۾ ور هجڻ

مغرور هجڻ ، گهمنڊ هجڻ. طاقت وارو هجڻ ، زور وارو هجڻ ، طاقتمند هجڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal